جئرام جوڳي

جئرام جوڳي

جئرام جوڳي

جئرام جوڳي (مرلي وارو): جئرام ولد ڪارو جوڳي، عمرڪوٽ ۾ 1950ع ڌاري ڄائو. سندس ماحول ننڍپڻ ۾ نانگ ڦاسائڻ ۽ مرلي وڄائڻ وارو هو. چونئرن ۾ رهندي نانگ ڦاسائيندي، سانگ ڪندي جوانيءَ ۾ لونگ جوڳيءَ وٽ مرلي جي باقاعدي سکيا ورتائين ۽ عمرڪوٽ مان لڏي شيخ ڀرڪيي ۾ اچي ويٺو. جئرام جوڳي جڏهن مرلي وڄائيندو آهي ته ساحر لڳندو آهي، ماڻهو جهومي اُٿندا آهن. وٽس نياز نوڙت ته فقيراڻي آهي، پر فن شاهي آهي، ريڊيو تي کيس ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو ۽ ٽي ويءَ تي عبدالڪريم بلوچ آندو. سندس شاگردن ۾ جمن، مٺو، سومار ۽ اِٽڪا ناٿ مشهور آهن. شاهه لطيف، قلندر شهباز ۽ ٻين سنڌ جي ميلن تي باقاعدي حاضري ڏيندو رهي ٿو. مرليءَ جون ڪلاسيڪل ڌنون ڪافي مشهور آهن.


لفظ جئرام جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو